بيبي خيرالنساءِ

بيبي خيرالنساءِ: مير فتح علي خان ٽالپر جي والده بيبي خيرالنساءِ، جنهن کي احترام وچان بيبي خيران يعني خير ڪندڙ، سخياڻي، سڏيو ويندو هو؛ بيبي صاحبه سخياڻي، رحمدل ۽ وڏي خيرڌياڻي هئي. هن ڪيتريون مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا. حيدرآباد شهر جي ميان فقير جي پڙ ۾ ”مائي خيريءَ جي مسجد“ به هن ئي بيبي صاحبه جي جوڙايل آهي. تعليم سان سندس شوق هو. هڪ عاليشان مدرسو قلعي جي دروازي جي ويجهو تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي. شاگردن ۽ استادن جي ماني ۽ ڪپڙي لٽي جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي. ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي، سا به هن برگزيده مائيءَ جي بدولت آئي. مرحومه پهرين تاريخ رمضان 1222هه/ 1807ع ڌاري، رات جي وقت انتقال ڪيو. ان جي وفات تي مير مائل طويل قطعو چيو آهي. بيبي خيري جي قبر خداآباد ۾ مير فتح علي ٽآلپر جي هجري ۾ آهي. بيبي خيري جون تصنيفون پڻ ٽالپر ڪتب خاني ۾ موجود آهن، جن ۾ هي ڪتاب ناياب آهن. 1) يادگيريون (فارسي)، 2)تعقيبات پنجگانه (عربي)، 3) زيارات معصومين عليهم السلام (عربي چهارده معصومين عليهم السلام جون زيارتون ۽ تشريح فارسي ۾).


لفظ بيبي خيرالنساءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1222.09.01  عيسوي

ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي ، سا به بيبي خيرالنساءِ جي بدولت آئي . مرحومه پهرين تاريخ رمضان 1222هه/ 1807ع ڌاري ، رات جي وقت انتقال ڪيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير يار محمد ٽالپر
راجا رفيق پنهور
چانڊيو غلام قادر
ابو دائود امام
ڪمار شاهاڻي
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
پرسواڻي سلامت راءِ
رڪ صاحب فقير
سائينداد ڪلمتي
ثاقب منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون